جوش مليح آبادي

جوش مليح آبادي

جوش مليح آبادي

جوش مليح آبادي: جوش مليح آبادي، اردو ادب جو ناميارو اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. هن ڊسمبر 1898ع تي هندستان جي شهر مليح آباد ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو شبير احمد ولد نواب بشير احمد خان هو، سندس ڏاڏو نواب احمد خان ۽ پڙ ڏاڏو نواب فقير محمد خان پڻ صاحب ديوان شاعر ٿي گذريا آهن. ان کانپوءِ هن 1914ع ڌاري ايس ٽي پيسرز ڪاليج آگري منجهان سينيئر ڪئمبرج جو امتحان پاس ڪيو ۽ 1918ع ڌاري ٽئگور يونيورسٽيءَ ۾ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو، جتي ان وقت جو ناميارو استاد قدرت الله مليح آبادي سندس استاد رهيو. ان دوران هن اردوءَ جي تعليم پڻ حاصل ڪئي. هن نون ورهين جي ڄمار ۾ پهريون شعر چيو ۽ شاعريءَ ۾ ابتدائي اصلاح عزيز لکنويءَ کان ورتائين، اڳتي هلي طبيعت ۾ فراوانيءَ سبب هن تمام گهڻي شاعري ڪئي. جوش مليح آبادي 1925ع ڌاري عثمانيه يونيورسٽيءَ ۾ ترجمي نگاريءَ جي ڪم سان وابسته رهيو. ان دوران حيدرآباد دکن ۾ رهندي اتان جي حڪومتي نظام تي تنقيدي نظم لکيائين. ترت ئي هن ’ڪليم‘ نالي سان اردوءَ ۾ هڪ ادبي رسالو ڪڍيو، جنهن ۾ انگريزن جي قبضي مان هندستان جي آزاديءَ جي حق ۾ مواد شايع ڪيو ۽ پنهنجو ڪلام ڇاپيو. جنهنڪري کيس وڏي مشهوري ملي ۽ عوام کيس ’شاعر انقلاب‘ جو لقب ڏنو. دانشور طور هن آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سرگرم حصو ورتو. ان وقت جوش هندستان جي اڪثر سياستدانن خاص ڪري جواهر لال نهرو جي ويجهن ساٿين ۾ شمار ٿيندو، برصغير جي ورهاڱي بعد جوش هندستان ۾ ئي رهيو، پر هندستان ۾ اردوءَ تي هندي زبان کي فوقيت ملڻ واري روش سبب 1958ع ۾ پاڪستان هليو آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ اچي مقيم ٿيو، جتي مولوي عبدالحق سان گڏ ’انجمن ترقي اردو ادب‘ جي سرگرمين ۾ حصو ورتائين. 1978ع ڌاري جوش صاحب اسلام آباد منتقل ٿي ويو ۽ اتي وڃي مستقل طور آباد ٿيو، اتي هن پنهنجن انٽرويوئن ۾ کريون ڳالهيون ڪيون، جنهن ڪري حڪومت کيس ’بليڪ لسٽ‘ به ڪيو. انگريز دور ۾ ’آج-ڪل‘ ۽ ’ڪليم‘ رسالن جو ايڊيٽر رهيو هو. پاڪستان اچڻ بعد ڪجهه عرصي لاءِ ’اردو لغت‘ جو نگران ٿيو. هن ڪيترين ئي فلمن لاءِ مڪالما ۽ گيت لکيا. هن جي شعري تصنيفن جو وڏو تعداد آهي، جن ۾: (1) آواز حـق، (2) روح ادب، (3) شـاڪـي راتـيــن، (4) جوش ڪي سؤ شعر، (5) نقش نگار، (6) شعله و شبنم، (7) پيغمبر اسلام، (8) فڪر و نشاط، (9) جنون و حڪمت، (10) حر ف و حڪايت، (11) حسين اور انـقـلاب، (12) آيـات اور انـقـلاب، (13) عـرش و فــرش و رامــش و رنـگ، (14) سنبل و سلاسل، (15) سيف و سبو، (16) سرور خروش، (17) سموم و سبا، (18) طلوع ِفڪر، (19) موجد و فڪر، (20) قطره قلزم، (21) نوادر جوش، (22) الـهام فـڪـر، (23) الـهـام و افـڪـار، (24) نجـوم جـواهـر، (25) جـوش ڪي مرثيي، (26) خروس ادب (حصو پهريون ۽ ٻيو)، (27) عرفانيات جوش، (28) محراب و صغراب، (29) ديوان جوش وغيره شامل آهن.
جوش جون نثري تحريرون، اردوءَ جي نثري ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون. سندس نثري ڪتابن ۾: (1) مقالات جوش، (2) اوراق زرين، (3) جذبات فڪر، (4) اشارات، (5) مڪالمات جوش، (6) يادون ڪي بارات (آتم ڪٿا) شامل آهن، ’يادون ڪي بارات سندس منفرد آتم ڪٿا آهي، جنهن وڏي شهرت ماڻي آهي.
جوش مليح آبادي اردو ادب ۾ وڏو مقام رکندڙ شاعر هو. شيخ اياز به سندس مداحن مان هو. جوش صاحب 22 فيبروري 1982ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي، سندس مزار اسلام آباد 8/1,H ۾ آهي.


لفظ جوش مليح آباديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1898.12.00  عيسوي

جوش مليح آبادي ڊسمبر 1898ع تي هندستان جي شهر مليح آباد ۾ جنم ورتو .


1982.02.22  عيسوي

جوش صاحب 22 فيبروري 1982ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي ،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد قائم علي شاهه
پير سومرو2
درويش آلو
جالنڌري حفيظ
ڪلثوم اختر چانڊيو
انور ابڙو
حمل خان جت بلوچ
احمد شاهه ذاڪري
بيبي مغلي ۽ بيبي مرڪي
الڀو شيخ ٺٽوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون